سرمست 33

سرمست 33

سرمست 33

سرمست 33: ’سرمست‘ جي 33 ڪڙيءَ جو سهيڙيندڙ مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگيءَ ۽ امر اقبال آهن. گذريل ادبي ڪانفرنس جي تصويري خبرنامي کان پوءِ هن شماري ۾ هيٺيان ادبي ۽ تحقيقي مقالا شامل آهن: (1) سچل سرمست جي سرائيڪي ڪلام ۾ مرشد جو مقام ڊاڪٽر بشير احمد شاد، (2) عشق جو ڪهڙو درازن ۾ حجب اسرار هو: الطاف اثيم، (3) ملڪي ترقيءَ لاءِ معاون ڪلاسيڪي شعري ادب: پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ، (4) ديوان آشڪار جو سلسليوار سنڌي ترجمو: مولانا عبداللطيف سڪندري، (5) انسانيت جو فڪر ڏيندڙ شاعر سچل سرمست: ڊاڪٽر مخمور بخاري، (6) سچل سرمست جي فارسي مثنوي ’تارنامه‘ جو مختصر جائزو: غوث بخش عباسي، (7) سچل جي عمر بابت بيدل جي شاعريءَ جو مطلب: حزب الله آءِ. سومرو، (8) حضرت سچل سرمست جو فڪر تصوف ۽ تاريخ جي آئيني ۾: راز علي گل ڀٽو، (9) منصور ثانيءَ جي ڪلام ۾ منصور اول جو ذڪر خير: عبدالحميد سومرو درازي، (10) سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ سياسي مزاحمت: انور پرديسي، (11) سچل سرمست جي وصال تي عقيدتمندن جو چيل ڪلام: سيما قاضي، (12) سچل سائين صوفي باصفا: رخسانه حيدر چنا، (13) سچل سرمست جي سرائيڪي ڪلام ۾ حب رسول صلي الله عليه وسلم: الهورايو سومرو، (14) درازن جو دادلو، دولهه درازي: علي حسن سرڪي، (15) Is Sachal Jo Rag a difference School of Though of Music: Yasir Qazi.
ڊيمي سائيز جي 124 صفحن تي مشتمل هي شمارو سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو